سيد محمود شاهه بخاري ڊاڪٽر

سيد محمود شاهه بخاري ڊاڪٽر

سيد محمود شاهه بخاري ڊاڪٽر

سيد محمود شاهه بخاري، ڊاڪٽر: لاڙڪاڻي جي اديب ۽ محقق، ڊاڪٽر سيد محمود شاهه بخاريءَ جو جنم، پهرين جنوري 1921ع ۾، ڳوٺ ميڻا، تعلقي قمبر، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. سندس والد محترم سيد دين محمد شاهه هڪ وڏو بزرگ، عالم دين ۽ مولانا تاج محمود امروٽيءَ جو خليفو هو. هن شروعاتي تعليم، پنهنجي والد بزرگوار جي هٿ هيٺ ورتي. اُهو ئي سبب آهي، جو شاهه صاحب جي طبيعت تي تصوف ۽ روحانيت جو رنگ نمايان نظر ايندو. پنهنجائپ، حليمائپ ۽ ٻاجهارپ جهڙا گڻ کيس ورثي ۾ مليا. آئي جو آڌرڀاءُ ڪرڻ، ڏکويل جي مدد ڪرڻ، ننڍي خواه وڏي سان نهايت اديبانه، ۽ مخلصانه رويي سان هلڻ، سندس آدرشي اصول رهيا آهن. ڊاڪٽر صاحب، ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ تي ايم. اي سنڌيءَ جي آخري سال ۾ مونوگراف لکيو ۽ حضرت تاج محمود امروٽيءَ جي شخصيت، ديني ۽ علمي خدمتن تي ضخيم تحقيقي مقالو لکي، پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. ڊاڪٽر سيد محمود شاهه بخاري، درس تدريس جهري مقدس پيشي سان لاڳاپيل رهيو، مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ کانپوءِ 1981ع ۾، اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تان، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان رٽائر ڪيائين.شاهه صاحب کي سنڌي ادب سان اوائل کان وٺي لڳاءُ رهيو آهي. سندس مضمون، خاص ڪري ’زبان‘، ’اڄڪلهه ۽ سڀان‘، ’لاڙڪاڻي جو هجرت تحريڪ ۾ حصو‘، ’ ڪشنچند بيوس جي شخصيت ۽ شاعري‘ وغيره سنڌي ادب ۾ وڏي حيثيت رکن ٿا.سندس ڇپيل ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي: (1) وطن جي آزاديءَ جو امام: مولانا تاج محمود امروٽي، (2) عرفان امروٽي عرف ڪليات حسن، ۽ (3) ڪليات بيوس (1991ع).


هن صفحي کي شيئر ڪريو